اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ ڪير به باني جي آزادي نٿو چاهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي حالتن مان لڳي ٿو ته ڪير به باني جي آزادي نٿو چاهي، پي ٽي آءِ قيادت، مٽ مائٽ، سوشل ميڊيا جهادي نٿا چاهين ته باني آزاد ٿئي.
هن چيو ته عمران خان سبب انهن سڀني جي دڪانداري هلي رهي آهي، اهي پنهنجا دڪان بند ٿيڻ نه ڏيندا، اهي سڄو ڏينهن ٽي وي تي هوندا آهن.
You might also like