لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي مانگا منڊي ۾ مخالفن کي ڦاسائڻ لاءِ پيءُ پنهنجي 5 ورهين جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.
چوهنگ پوليس کي 5 ورهين جي اذان جي اغوا جو اطلاع مليو، جنهن کانپوءِ ڪاهنه جي علائقي مان ان جو لاش هٿ آيو.
پوليس ٻڌايو ته ٻار جي اغوا جو ڪيس ماءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، جاچ دوران شڪ جي بنياد تي ٻار جي پيءُ اعظم کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن پٽ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
پوليس موجب اغوا ۽ قتل جي واردات ۾ جوابدار اعظم سان گڏ هڪ ٻيو ساٿي به ملوث آهي، هنن مخالفن کي ڦاسائڻ لاءِ اذان کي قتل ڪيو.
You might also like