ڍاڪا(م ڊ) منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ملاقات دوران احسن اقبال پروفيسر محمد يونس ۽ بنگلاديش جي عوام کي چونڊن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن واپار، عوام کان عوام تائين رابطن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي هوائي رابطن جي بحالي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي چيف ايڊوائيزر جو شڪريو ادا ڪيو. چيف ايڊوائيزر وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ڪيتريون ئي گڏيل خاصيتون آهن جيڪي باهمي طور تي فائديمند تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون. وفاقي وزير پروفيسر محمد يونس کي پاڪستان-بنگلاديش نالج ڪوريڊور تحت علامه محمد اقبال اسڪالرشپ بابت پڻ آگاهه ڪيو ٻئي پاسي احسن اقبال نئين چونڊيل وزيراعظم طارق رحمان سان به ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.