وهاڙي(عوامي آواز نيوز)صدر آصف علي زرداري عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڏيڍ سال ۾ ئي اتان کان آواز اچڻ لڳا آهن۔ سياست ۾ايئن ٿيندو آهي، جيڪڏهن برداشت نٿا ڪري سگهو ته ڪو آسان ڪم اختيار ڪري وٺو،وهاڙي ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته هارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔زرعي شعبي جي بهتري سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو۔پاڪستان ۾ هر قسم جون نعمتون موجود آهن، پر تسلسل ۽ واضح سوچ جي کوٽ آهي۔قومي ترقي جو دارومدار هارين کي مضبوط ڪرڻ ۽ جديد زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ تي آهي۔پاڪستان جي معاشي چئلينجن جو پائيدار حل زراعت ۾ لڪل آهي۔صدر زرداري چيو ته هن ججن جون پگهارون ٽي ڀيرا وڌايون،مان هر ڪم سوچي سمجهي ڪندو آهيان۔هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي “شهه رڳ” آهي، ان جي هڪ انچ تي به سمجهوتو نه ڪيو ويندو،ذوالفقار علي ڀٽو علائقائي خطرن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو،هن چيو ته حڪمراني لاءِ لچڪ ۽ سياسي پختگي ضروري آهي۔سياسي سهڪار انتهاپسند رجحانن کي روڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿو۔بلوچستان جي ماڻهن جي تڪليفن جو اعتراف ڪندي چيو ته حالتون اڳ کان بهتر آهن، پر مڪمل بهتري ۾ وقت لڳندو،مون کي خبر آهي ته بلوچستان ۾ اڄ به درد آهي،هن چيو ته سندن سياسي اثر سنڌ ۽ بلوچستان تائين محدود آهي، پنجاب ۾ سندن حڪومت ناهي، جڏهن ته ڪي پي جي پنهنجي الڳ سوچ آهي۔صدر چيو ته ڪي پي حڪومت مارڪٽائي تي لهي آئي آهي، ملڪ ٺاهڻ يا ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ۽ ڪو خاص ڪم نه ڪيو۔عمران خان جو نالو نه وٺندي هن چيو ته ملڪ هڪ سال لاءِ به رڪجي وڃي ته ڏهه سال پوئتي هليو ويندو، ۽ هي ملڪ چار سال رڪيل رهيو.”اهو شخص روز تقريرون ڪندو هو، هر ٽي وي تي سندس ئي خطاب هلندو هو، ٻيا سڀ بند ٿي ويندا هئا.”هن وڌيڪ چيو ته اڃا ڏيڍ سال به ناهي ٿيو جو هن جون شڪايتون اچي رهيون آهن۔ پٽ چوي ٿو ته ملڻ نٿا ڏين۔”مون 14 سال جيل ڪاٽي، جڏهن ٻارن سان مليس ته اهي قد ۾ مون کان وڏا ٿي چڪا هئا،هن چيو ته اهي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون، سياست اهڙي ئي آهي۔ جيڪڏهن برداشت نٿا ڪري سگهو ته ڪو آسان ڪم اختيار ڪريو۔ مدر ٽيريسا بڻجي وڃو، ڪرڪيٽ جا گاڊ بڻجي وڃو، هر هنڌ ڪرڪيٽ ڪلب کوليو۔ جيڪڏهن سياست ۾ اچو ٿا ته پوءِ هر شعبي کي سنڀالڻو پوندو،جيل غيرت سان ڪاٽيو ويندو آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران جي حڪومت نه هئي،جنرل فيض جي حڪومت هئي،جنرل فيض کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو رليف ڏيڻو آهي يا نه،هي جمهوريت اسان نئين نئين آندي آهي،مون پارليامينٽ کي اختيار ڏنا،هن چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو گندگي،پاڻي ۽ روڊ آهن،اسان انهن کي ٺيڪ ڪنداسين.