آمريڪي مضبوط فوج کي به اهڙي چماٽ لڳندي جو اٿي نه سگهندي: ايراني سپريم ليڊر

تهران (م ڊ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي چيو آهي ته آمريڪي مضبوط فوج کي به اهڙي چماٽ لڳي سگهي ٿي جو هو اٿي نه سگهندي. هڪ بيان ۾، ايراني سپريم ليڊر چيو ته آمريڪي صدر ايران کي ختم نه ڪري سگهندو. آمريڪي صدر پنهنجي فوج کي دنيا جي مضبوط ترين فوج قرار ڏئي ٿو، دنيا جي مضبوط ترين فوج کي به چماٽ لڳي سگهي ٿي. آيت الله علي خامنا اي چيو ته جنگي جهاز کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار اهو آهي جيڪو ان کي سمنڊ جي تري ۾ موڪلي سگهي ٿو، ڳالهين جو نتيجو اڳواٽ طئي ڪرڻ بيوقوفي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران جي پرامن ايٽمي صنعت جنگ لاءِ نه پر ملڪ هلائڻ لاءِ آهي، اها توانائي، زراعت ۽ صحت جي شعبن لاءِ آهي. ايراني سپريم ليڊر اهو به چيو ته ايٽمي صلاحيت ايراني عوام جو حق آهي، ان جو آمريڪين سان ڪهڙو تعلق آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.