لاهور(بيورو)هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پنجاب ۾ ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) جيڪارروائين دوران ٿيل موتن بابت اعليٰ سطحي عدالتي جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔لاهور مان جاري ڪيل فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ ۾ ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سي سي ڊي مبينا طور جعلي پوليس مقابلن کي پاليسي طور اختيار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عدالت کان مٿاهان قتل ٿيا. رپورٽ موجب هن عمل صوبي ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئيني تحفظن کي سخت نقصان پهچايو آهي.2025جي پهرين اٺن مهينن دوران پريس رپورٽن جي بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ 670 سي سي ڊي مقابلا رڪارڊ ڪيا ويا۔انهن مقابلن ۾ 924 مشڪوڪ ماڻهو مارجي ويا۔ساڳئي عرصي دوران صرف ٻه پوليس اهلڪار فوت ٿيا۔رپورٽ چوي ٿي ته مارجي ويل ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن جي انگ ۾ هي غير معمولي فرق، ۽ روزانو سراسري طور ٻن کان وڌيڪ جاني نقصان وارا مقابلا، ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته اهي واقعا انفرادي نه پر ڪنهن منظم طريقي جو حصو ٿي سگهن ٿا۔ايڇ آر سي پي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو آهي ته سي سي ڊي جون ڪارروايون گڏيل قومن طرفان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ طاقت ۽ هٿيارن جي استعمال بابت مقرر ڪيل بنيادي اصولن سان مطابقت نٿيون رکن، ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته:صوبي ۾ مقابلن واري ڪارروائين تي فوري پابندي لڳائي وڃي۔سڀني موتن جي جاچ ايف آءِ اي کان اين سي ايڇ آر جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي۔هڪ آزاد شهري پوليس نگراني ڪميشن قائم ڪئي وڃي۔