ڪافي عرصي کان ملڪ ۾ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ قيد ۽ بند جون سختيون برداشت ڪري رهيا آهن۔ جيلن ۾ بيماريون، بنيادي سهولتن جي کوٽ، گهرڀاتين سان ملاقاتن تي پابنديون ۽ انساني وقار جي پامالي هڪ معمول بڻجندي پئي وڃي۔ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن هڪ جماعت سان نه ٿي رهيو آهي، پر اهو رويو مجموعي طور تي اسان جي سياسي تاريخ جو مستقل حصو بڻجي چڪو آهي۔ پر سوال اهو آهي ته اهڙين حالتن ۾ سياسي قيادت جو رويو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ڇا سياستدانن کي هڪ ٻئي جي تڪليفن تي طنز ڪرڻ گهرجي يا ڪو اصولي، اخلاقي ۽ انساني موقف اختيار ڪرڻ گهرجي؟
بدقسمتي سان اسان وٽ سياست ذاتي انا، سياسي دشمني ۽ نفرت جي اهڙي دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي ڏک، بيماري، قيد ۽ تڪليف به سياسي تمسخر جو موضوع بڻجي ويندي آهي۔ جڏهن ڪو سياسي اڳواڻ جيل ۾ بيماري يا علاج جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي ڪمزوري، بزدلي يا شڪايت سمجهيو وڃي ٿو۔ هي طرزِ فڪر دراصل سياسي پختگي نه پر اخلاقي ڏيوالي جي نشاني آهي۔ قيد جيڪڏهن امتحان آهي ته امتحان جو مطلب اهو ناهي ته انسان کي علاج، وقار ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم ڪيو وڃي۔ آزمائش بهادري جو پيمانو ٿي سگهي ٿي، پر ظلم کي قبول ڪرڻ بهادري ناهي۔
ڪجهه سينيئر سياستدانن جو اهو رويو ته هو جيل کي روحاني تربيت گاهه يا قرباني جو مقام قرار ڏئي ٻين جي تڪليفن تي طنز ڪن، ان ڳالهه جي علامت آهي ته اسان جي سياست ۾ اخلاقيات ثانوي حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن۔ مسئلو اهو ناهي ته ڪنهن جيل ڪيئن ڪاٽي، مسئلو اهو آهي ته جيل کي سياسي هٿيار بڻائڻ ڪڏهن ختم ٿيندو؟ مسئلو اهو ناهي ته ڪير مضبوط نڪتو، مسئلو اهو آهي ته سياسي اختلاف کي قيد ۽ بند سان ڳنڍڻ جي روايت ڪڏهن ختم ٿيندي؟
هي حقيقت آهي ته اڄ جو سياستدان سڀاڻي پاڻ به انهي نظام جو شڪار ٿي سگهي ٿو۔ اقتدار دائمي ناهي، طاقت مستقل ناهي ۽ سياست جي لاهه چاڙهه ۾ ڪردار بدلجندا رهندا آهن۔ پر اسان جي سياسي قيادت اهو بنيادي اصول سکڻ کان قاصر آهي ته جيڪو رويو اڄ اوهان ٻين لاءِ اختيار ڪيو ٿا، سڀاڻي اهو ئي رويو اوهان لاءِ به معمول بڻجي سگهي ٿو۔ تنهن ڪري اصل سوال فردن جو ناهي، پر روايت جو آهي۔ اها روايت جنهن ۾ سياسي اختلاف کي حڪومتي طاقت، دٻاءُ ۽ قيد و بند ذريعي دٻايو وڃي ۽ پوءِ ساڳئي نظام کي تقدير چئي قبول ڪيو وڃي۔
اسان جي سياست جو الميو اهو آهي ته ظلم جي خلاف گڏيل اخلاقي موقف پيدا ٿيڻ ئي نٿو ڏنو وڃي۔ هر جماعت پنهنجي وقت ۾ مظلوم ۽ ٻئي جي وقت ۾ خاموش تماشائي بڻجي وڃي ٿي۔ ڪو به انهيءَ اصولي نقطي تي بيهي نٿو چوي ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر قيد، انتقام، تذليل ۽ تحقير سياست جو حصو نه هئڻ گهرجن۔ اسان سياسي اخلاقيات کي وقتي مفادن جي تابع ڪري ڇڏيو آهي۔
هي صورتحال بلڪل انهيءَ پراڻي حڪايت جهڙي آهي جتي هڪ بادشاهه پنهنجي رعيت تي ظلم ڪري ٿو، ٽيڪس وڌائي ٿو، زيادتيون ڪري ٿو ۽ عوام خاموشي سان برداشت ڪندو رهي ٿو۔ جڏهن ظلم معمول بڻجي وڃي ٿو ته رعيت انصاف نه پر ظلم جي نظام کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي درخواست ڪري ٿي ته جيئن کين تڪليف گهٽ ٿئي، مسئلو ختم نه ٿئي۔ اڄ اسان جي قوم جو حال به اهڙو ئي آهي۔ اسان ظلم جي خاتمي جو مطالبو نٿا ڪريون، رڳو ان جي طريقيڪار تي بحث ڪريون ٿا۔ اسان اهو سوال نٿا اٿاريون ته سياسي قيد جو نظام ڇو آهي، پر اهو پڇون ٿا ته ڪنهن وڌيڪ برداشت ڪيو ۽ ڪنهن گهٽ۔ اسان اهو نٿا چئون ته هي روايت ختم ٿيڻ گهرجي۔
جيڪڏهن سياستدان واقعي بالغ نظر هجن ته انهن کي هڪ ٻئي جي ڏکن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، پر اصولي موقف اختيار ڪرڻ گهرجي۔ اهو چوڻ ته اوهان جيل صحيح نه ڪاٽي يا اوهان شڪايت ڇو ٿا ڪريو، دراصل سياست نه پر اخلاقي زوال آهي۔ هڪ ٻيو سنگين مسئلو اهو آهي ته اسان جون وڏيون سياسي جماعتون پنهنجي دشمني ۾ ايتريون الجهي ويون آهن جو گڏيل جمهوري مفاد پس منظر ۾ هليو ويو آهي۔ ٽي وڏيون جماعتون اقتدار ۾ رهي چڪيون آهن، هڪ ٻئي تي ڪيس ٺاهينديون رهيون آهن، هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارينديون رهيون آهن، پر ڪنهن به اهو سوال نه اٿاريو ته اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ سياست کي انتقام جو ميدان ڇو بڻايو ويو آهي؟ جمهوري اختلاف کي دشمني ۾ ڇو تبديل ڪيو ويو آهي؟
جيڪڏهن اڄ ڪنهن تي ڪيس ٺهيا آهن ته سوال رڳو اهو نه هئڻ گهرجي ته اهي صحيح آهن يا غلط، پر اهو به هئڻ گهرجي ته ڇا اسان ماضي ۾ پاڻ اهو ئي رويو اختيار نه ڪيو هو؟ جيڪڏهن ڪالهه ڪنهن تي ڪوڙا ڪيس ٺهيا هئا ته اڄ جي ڪيسن تي خاموشي ڪهڙي اخلاقي اصول تحت آهي؟ اهو ئي ٻٽو معيار اسان جي سياست کي اندر کان کوکلو ڪري رهيو آهي۔
جمهوريت رڳو ووٽ وجهڻ جو نالو ناهي، جمهوريت هڪ اخلاقي نظام جو نالو آهي۔ اهو اهڙو طرزِ فڪر آهي جتي اختلاف کي دشمني نه بڻايو ويندو آهي، جتي سياست کي انتقام جو ذريعو نه بڻايو ويندو آهي، جتي ادارا فردن جي هٿن ۾ هٿيار نه بڻبا آهن، ۽ جتي اقتدار کي اخلاقيات کان الڳ نه ڪيو ويندو آهي۔ بدقسمتي سان اسان جمهوريت کي رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي۔
جيڪڏهن اسان جي سياسي قيادت واقعي بالغ نظر هجي ها ته هو فيصلو ڪري ها ته سياسي قيد و بند جي روايت ختم ڪئي وڃي، اختلاف کي مڪالمو بڻايو وڃي، سياست کي نفرت بدران اصولن تي بيهاريو وڃي ۽ اقتدار کي اخلاقيات جي تابع ڪيو وڃي۔ پر هتي معاملو اُلٽو آهي۔ هتي اخلاقيات کي اقتدار جي تابع ڪيو ويو آهي۔ عوام جو اعتماد ٽٽندو پيو وڃي۔ جمهوري نظام ڪمزور ٿيندو پيو وڃي۔ سياست تماشو بڻجندي پئي وڃي۔ انهي ڪري دنيا اسان تي اعتماد نٿي ڪري، نظام عدم استحڪام جو شڪار رهي ٿو ۽ رياست اندر کان کوکلي ٿيندي وڃي ٿي۔
جيڪڏهن ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ته سياستدانن کي سڀ کان پهرين پنهنجي اخلاقيات بحال ڪرڻيون پونديون۔ انهن کي سمجهڻو پوندو ته سياست دشمني نه پر خدمت آهي۔ اختلاف نفرت ناهي۔ طاقت مقصد نه پر ذميواري آهي۔ ۽ اقتدار ڪو دائمي حق نه پر عارضي امانت آهي۔ جيستائين سياستدان پنهنجي صفن ۾ اخلاقي اتحاد پيدا نه ڪندا، جيستائين اصول کي مفاد تي ترجيح نه ڏيندا، جيستائين جمهوريت کي رڳو نعرو نه پر عملي نظام نه بڻائيندا، تيستائين هي بحران ختم نه ٿيندو۔ خالص جمهوري نظام رڳو آئيني ڍانچي سان نٿو اچي، اهو ڪردار سان اچي ٿو، اخلاقيات سان اچي ٿو، اصولي سياست سان اچي ٿو۔ جڏهن اهو سڀ پيدا ٿيندو، تڏهن ئي ملڪ اڳتي وڌندو، تڏهن ئي عوام جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ تڏهن ئي سياست واقعي خدمت بڻجندي تماشو نه۔