سپر ايٽ ۾ پهچ لاءِ پاڪستان جو سڀاڻي نميبيا خلاف کٽڻ لازمي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم پنهنجي آخري گروپ ميچ سڀاڻي نميبيا خلاف کيڏندي ۽ سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي اها ميچ هر صورت ۾ کٽڻي پوندي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گروپ اي ۾ پاڪستان ۽ نميبيا جون ٽيمون سڀاڻي منجهند اڍائي وڳي ڪولمبو ۾ آمهون سامهون ٿينديون ۽ گرين شرٽس کي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ اها ميچ هر صورت ۾ کٽڻي پوندي.
پاڪستان جي شڪست جي صورت ۾ معاملو رن ريٽ ڏانهن هليو ويندو ۽ پوائنٽس ٽيبل تي آمريڪا جي ٽيم هن وقت بهتر رن ريٽ سبب پاڪستان کان مٿي آهي.
گروپ اي مان ڀارت جي ٽيم 3 ميچون کٽي اڳ ئي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪا جي ٽيم 4 مان 2 ميچون کٽي 4 پوائنٽن سان ٻئي ۽ پاڪستان 3 مان 2 ميچون کٽي 4 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.
توڙي جو پاڪستان ۽ آمريڪا جون 4-4 پوائنٽون آهن پر آمريڪا بهتر رن ريٽ سبب پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان کان مٿي آهي.
نميبيا کي شڪست جي صورت ۾ پاڪستان جون پوائنٽون 6 ٿي وينديون ۽ سپر ايٽ ۾ پهچي ويندو، جڏهن ته آمريڪي ٽيم ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي.
جيڪڏهن برسات سبب ميچ نه ٿي سگهي، پوءِ به پاڪستان کي هڪ پوائنٽ ملي ويندي ۽ سپر ايٽ تائين پهچ حاصل ڪري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.