نوشهرو فيروز (ظفر تڳڙ) نوشهرو فيروز ويجهو قومي شاهراهه تي خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، هڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. حادثو نانگو شاهه موري ڀرسان منان پئٽرول پمپوٽ پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرالر ڪار سان ٽڪرائجي ويو، ڪار ۾ سوار سڀئي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. فوت ٿيلن ۾ غلام رسول سولنگي، محمد بخشل سولنگي، عبدالحڪيم سولنگي، نديم علي سولنگي، سهراب سولنگي ۽ ڪار ڊرائيور منظور بروهي شامل آهن. پوليس موجب ڪار سوار لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿيا. فوت ٿيلن جا مڙهه لعلو رائنڪ پهچايا ويا ۽ حادثي ۾ ٽرالر جو ڊرائيور زخمي ٿيو. نوشهرو فيروز جي نيشنل هاءِ وي تي پيش آيل هن واقع تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو. حادثي جي سببن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.