سنڌي ادبي سنگت جي سال 2026 ۽ 2027 جي چونڊ 15 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ٿي گذري. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نتيجن موجب سنڌ دوست پينل جو اميدوار احمد سولنگي 214 ووٽ کڻي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو، سندس مقابلي ۾ بيٺل احساس ميرل 170 ووٽ کنيا. جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جو اميدوار ڀارو مل 308 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مخالف اميدوار ڊاڪٽر انور پرديسي 73 ووٽ کنيا. عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جي اميدوار گل بيبي شاهه 202 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي. سندس مقابلي ۾ بيٺل عابده گهانگهرو 187 ووٽ کنيا.
هن سال واري چونڊ ۾ ٿيل ڌانڌلي جي پهرين شڪايت عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي لاءِ بيٺل اميدوار عابده گهانگهرو ڪئي آهي. عابده گهانگهرو هڪ نظرياتي سنجيده ۽ ذميوار شخصيت رهي آهي جنهن جي شڪايت کي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي نٿو سگهجي. عابده گهانگهرو جي ان شڪايت سان پاڻ کي 1983 جي چونڊ پڻ ياد اچڻ لڳي آهي. 1983 ۾ انور پيرزادي جي ڪوشش سان 9 سالن کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جون چونڊون ٿيون هيون جنهن بابت انور پيرزادي بعد ۾ ڏنل انٽرويوز ۾ چوندو رهيو آهي ته ان چونڊ جي اليڪشن ڪميشنر رشيد ڀٽي چونڊن دوران پاڻ کيس چيو هو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي رهي آهي ته تون بائيڪاٽ ڇو نٿو ڪرين جنهن تي انور صاحب کيس وراڻيو هو ته منهنجي وڏي ڪاميابي اها آهي ته 9 سالن کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جو چونڊ نظام بحال ٿيو آهي باقي منهنجي هارائڻ جو ڪو وڏو مسئلو ناهي. ان چونڊ کان پوءِ به ڪيترن ئي چونڊن تي ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهيا آهن.
ان حوالي سان پاڻ پهريون به ايڊيٽوريلز ۾ لکندا رهيا آهيون ته هاڻي ادبي سنگت جون چونڊون به ملڪي سياسي چونڊن وانگر ٿيڻ لڳيون آهن ٻيو ته ڇڏيو پر انهن ۾ ڌانڌلين جو عنصر به شامل ٿي ويو آهي باوجود ان جي ته سنڌي ادبي سنگت جو ڪم ۽ عهدا رضاڪاراڻي نوعيت جا هوندا آهن ۽ اهم عنصر خدمت جو جذبو هوندو آهي. جڏهن ته سنگت جي هن اداري مان ڪمائي کائڻ جو به ڪو ماحول ناهي باقي شايد عهدي ۽ انا جو معاملو آهي جنهن ادبي سنگت جي چونڊن کي به تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.
گذريل آچر تي سال 2026 ۽ 2027 جي چونڊ متعلق عابده گهانگهرو فيس بڪ تي لکيو آهي ته ”مونکي منهنجي ڪجهه ساٿين جيڪي اڳين سيٽن تي ويٺا هئا چيو ته مٿي پولنگ ۾ ڌانڌلي ٿي رهي آهي. مون کي پهريون اها ڳالهه سمجهه نه آئي ۽ پوءِ ٽئين ڀيري ڌيان ڇڪرائڻ بعد مٿي وڃي چيئرمين اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪيم ته هن چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي پر مون پاڻ ڏٺو ته ٻن ٻن ماڻهن بوٿ ۾ وڃي صلاح سان ٽڪ پئي لڳائي. مون چيئرمين کي چيو ته مان بدمزگي نه ٿي ڪرڻ چاهيان اوهان يقيني بڻايو ته ڌانڌلي نه ٿئي پر ايئن نه ٿيو.“
پاڻ ته پهريون به ايڊيٽوريل ۾ اها راءِ ڏني هئي ته سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ جيڪر اهڙو جمهوري رويو اختيار ڪيو وڃي ته قابل ۽ اهل ادبي شخصيت جنهن وٽ وقت به هجي، ڪم ڪرڻ جو جذبو به هجي ۽ سٺو پروگرام هجي تنهن کي اڳتي اچڻ ڏنو وڃي ۽ غير ضروري طور تي ان سان مقابلو نه ڪجي ته بهتر آهي هونئن به ادبي سنگت جي عهدن تي انهن شخصيتن کي اچڻ گهرجي جيڪي واقعي به پنهنجي سڄي ٽينوئر ۾ ڪم ڪن ايئن نه هجي ته چونڊ کٽي گهر ويهي رهن ۽ وري چونڊن وقت ظاهر ٿين. اسان ته اهو به لکيو هو ته ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ڀيرا سنگت جي چونڊن ۾ بيهڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت آهي ڇو نه ٻين ادبي دوستن کي هن رضاڪاراڻي ڪم جو واري واري سان خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏجي. عهدن سان گهٽ ۾ گهٽ ادبي سنگت ۾ چنبڙيو رهڻ جي ته ڪا ضرورت نه هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ادبي سنگت جي تنظيم ڪا ڪمائو ادارو به ناهي پر پوءِ به عهدن تي الائي ڇو هتي چنبڙي رهڻ جو جنون رهيو آهي جنهن جي همت افزائي نه ٿي ڪري سگهجي.
پر پاڻ هتي سنڌي ادبي سنگت جي جنهن اهم مسئلي تي لکڻ چاهيون ٿا سو اهو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن مان ڌانڌلين جي زهر کي ڪيئن ڪڍجي؟ اسان سمجهون ٿا ته ان لاءِ هڪ غير جانبدار ڪاميٽي ٺاهي سگهجي ٿي جنهن ۾ سٺي ساک رکندڙ غير تڪراري ادبي شخصيتن کي شامل ڪري سگهجي ٿو. ان ڪاميٽي جو اهو ڪم هجي ته اها صاف شفاف ۽ غير تڪراري چونڊ نظام قائم ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪري ۽ پوءِ ان تي يقيني طور تي عمل ڪرائي. يا ان معاملي تي جن به سينيئر اديبن پهريون ئي ڪي تجويزون ڏنيون آهن ته اها ڪميٽي انهن مان به رهنمائي وٺي سگهي ٿي. سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن کي ڪيئن صاف شفاف ۽ غير تڪراري بڻائجي ان موضوع تي ڪا ڪانفرنس به ڪرائي سگهجي ٿي.
هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهڙي ڪاميٽي ڪير جوڙي؟ ظاهر آهي ته جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جي موجوده چونڊيل باڊي اهڙو ڪم ڪندي ته ان تي جانبداري جو الزام لڳندو تنهن ڪري ان معاملي ۾ ڪجهه سينيئر اديبن کي پاڻ اڳتي اچڻو پوندو جنهن عمل کي اسان سندن يادگار وقتائتو قدم سمجهنداسين. تنهن ڪري پاڻ نالا کڻڻ بنا سينئر اديبن کي وينتي ڪنداسين ته اهي ان اهم معاملي ۾ اڳڀرائي ڪن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ نظام کي صاف شفاف بڻائڻ لاءِ اڳتي اچن. ڏسون ته اسان جي هن وينتي کي ڪير قبولي ٿو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مفاد ۾ ڪير ٿو اڳتي اچي ۽ ڪير ٿو اها چئينلنج قبول ڪري. ان حوالي سان ميدان خالي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جي غير معمولي گنجائش موجود آهي.