پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ ۾ بهتري، هاڻي ڪيترن ملڪن جي ويزا فري هوندي؟

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ ۾ بهتري کانپوءِ هاڻي ڪيترن ملڪن لاءِ ويزا فري سهولت ميسر آهي؟ ان حوالي سان نئين فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
هينلي پاسپورٽ انڊيڪس موجب، پاڪستان جي پاسپورٽ جي عالمي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي، جيڪا ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ پاڪستانين لاءِ هاڪاري خبر آهي.
فيبروري 2026 جي درجابندي موجب، پاڪستان هاڻي دنيا ۾ 97هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته جنوري 2026 ۾ 98هين نمبر تي هو.
گذريل سال پاڪستان 103هين نمبر تي هو، يعني هڪ سال دوران رينڪنگ ۾ 6 درجا بهتري آئي آهي.
32 ملڪن تائين رسائي
گيمبيا سان سفارتي لاڳاپن ۽ ويزا معاهدي جي بحالي کانپوءِ پاڪستاني شهري هاڻي دنيا جي 32 ملڪن ۾ ويزا فري يا ايئرپورٽ تي ويزا( ويزا آن ارائيول ) حاصل ڪري داخل ٿي سگهن ٿا.

11 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا
ان کانسواءِ هيٺين ملڪن لاءِ اڳواٽ ويزا جي ضرورت ناهي جن ۾ باربيڊوس، ڪوڪ آءِ لينڊز، ڊومينيڪا، هيٽي، مائڪرو نيشيا، مونٽسيراٽ، روانڊا، سينٽ ونسنٽ اينڊ گريناڊائنز، ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو، وانواتو ۽ گيمبيا شامل آهن.

18 ملڪن ۾ ويزا آن ارائيول
هيٺين ملڪن جي ايئرپورٽ پهچڻ تي ويزا جاري ڪئي ويندي آهي، جن ۾ برونڊي، ڪمبوڊيا، ڪيپ ورڊي، ڪومورو آءِ لينڊز، جبوتي، گني بسائو، مڊغاسڪر، مالديپ، موزمبيق، نيپال، نيو، پلائو آءِ لينڊز ، قطر، ساموا، سينيگال، سيرا ليون، تيمور ليستي ۽ توالو شامل آهن.

ٽن ملڪن لاءِ اِي ٽي اي لازمي قرار
ان کانسواءِ ڪينيا، سيشلز ۽ سريلنڪا وڃڻ لاءِ اڳواٽ آن لائين اليڪٽرانڪ ٽريول اٿارائيزيشن( اِي ٽي اي ) ضروري آهي
سڀ کان سگهارا پاسپورٽ
2026 جي رينڪنگ ۾ سنگاپور پهرئين نمبر تي آهي، جنهن کي 192 ملڪن تائين رسائي حاصل آهي، ان کانپوءِ جپان ۽ اتر ڪوريا (187)، سوئيڊن ۽ متحده عرب رياستون (186) جڏهن ته يورپي ملڪ جهڙوڪ فرانس، جرمني، اٽلي، اسپين ۽ سوئٽزرلينڊ (185) شامل آهن.
فيبروري 2026 ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ سڌارو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته سفارتي ڪوششون پاڪستاني شهرين جي عالمي چُر پر ۾ اثرائتيون ثابت ٿي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.