ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گاڏين جي نمبر پليٽن بابت موٽر وهيڪل ترميمي ايڪٽ 2024 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻي گاڏيءَ جو مالڪ پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ نمبر پليٽ جو مالڪ سمجهيو ويندو.
ان ڏس ۾ ترجمان جو چوڻ آهي ته گاڏين جي نمبر پليٽن بابت موٽر وهيڪل ترميمي ايڪٽ 2024 باظابطا طور لاڳو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻڌل گاڏين لاءِ ٻه نيون نمبر سيريز پڻ جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته گاڏي مالڪ پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ پراڻي نمبر پليٽ خريد ڪيل ٻي گاڏي تي پڻ لڳائي سگهندا.
You might also like