ٻار جي پيدائش تي پيءُ کي موڪل نه ڏيڻ تان اسٽيٽ بئنڪ مٿان پنج لک رپيا ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هراساني روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب ( فوسپاه) بئنڪ آفيسر کي ٻار جي پيدائش تي موڪل نه ڏيڻ تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تي 5 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
وفاقي محتسب فوزيا وقار بينڪ آفيسر کي 30 ڏينهن جي پيٽرنٽي موڪل نه ڏيڻ تي اسٽيٽ بئنڪ تي 5 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو .
محتسب جي فيصلي موجب، ڏنڊ جي رقم مان 4 لک رپيا شڪايت ڪندڙ آفيسر سيد باسط علي کي ادا ڪيا ويندا ۽ کيس مڪمل پگهار سان گڏ 30 ڏينهن جي پيٽرنٽي موڪل پڻ ڏني ويندي.
ان کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ کي ميٽرنٽي ۽ پيٽرنٽي ايڪٽ 2023 تحت باظابطا پاليسي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
فوسپاه جو چوڻ آهي ته پيٽرنٽي موڪل کان انڪار صنفي بنياد تي هراسان ڪرڻ جي برابر آهي، ميٽرنٽي موڪل ڏيڻ ۽ پيٽرنٽي موڪل کان انڪار ڪرڻ صنفي امتياز آهي. ٻارن جي سار سنڀال رڳو عورتن جي ذميواري ناهي، موڪل کان انڪار والدين جي گڏيل ذميواري ۽ ٻار جي مفاد کي نقصان پهچائڻ برابر آهي.
واضح رهي ته بئنڪ لاڳاپيل پاليسي موجود نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي سيد باسط علي جي موڪل واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.