نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 28هين ميچ ۾ افغانستان گڏيل عرب امارتن (يو اَي اِي) کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دهلي جي ارن جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، يو اي اي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهي سگهي.
يو اي اي طرفان شعيب خان 48 بالن تي 6 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 68 رنس ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته عليشان شرفو 40 رنسن جي اننگز کيڏي.
يو اي اي جا 5 رانديگر ڊبل فيگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، جن مان ٽي رانديگر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا، جڏهن ته باقي ٻن رانديگرن 3، 3 رنسون ٺاهيون.
افغانستان ڪي عظمت الله عمرزئي چار ، مجيب الرحمان ٻه ۽ ڪپتان راشد خان هڪ وڪيٽ ورتي.
افغان ٽيم 161 رنسن جو هدف پنج وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ ماڻي ورتو، اوپنر رحمان الله گرباز ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ِ ابراهيم زدران 53 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
ان کانسواءِ عظمت الله عمرزئي جارحاڻو انداز اختيار ڪندي 21 بالن ۾ 3 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 40 رنسون جي اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ڪارائتو ڪردار دا ڪيو.
شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: عظمت الله عمرزئي جو بال ۽ بيٽ سان ڪمال، افغانستان هٿان يو اَي اِي کي شڪست
You might also like