يو اَي اِي جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جزو آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامزي جولازمي جزو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سان يو اي اي جي نائب حڪمران ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار شيخ طحنون بن زايد النهيان جي ابوظهبي ۾ ملاقات ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران گڏيل سهڪار، خاص طور معيشت، سيڙپڪاري ۽ سلامتي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال ۽ امن توڙي سلامتي جي واڌاري لاءِ لاڳيتو رابطن تي زور ڏنو.
پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل گڏيل عرب امارتن طرفان پاڪستان جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته اهو سهڪار ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گهرن تاريخي لاڳاپن جو مظهر آهي.
فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اماراتي قيادت جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻا تاريخي لاڳاپا ۽ مضبوط حڪمت عملي تي ٻڌل ڀائيواري موجود آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته گڏيل عرب امارتن جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو اهم حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.