سچ پچ خلائي مخلوق آهي، پر مون ناهي ڏٺي: باراڪ اوباما

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما خلائي مخلوق (ايليئنز) بابت وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته ڌرتي تي خلائي مخلوق جي آمد جا امڪان گهٽ آهن.
ڇنڇر ڏينهن هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران اوباما ميزبان برائن ٽائلر ڪوهن جي خلائي مخلوق بابت سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ”ايليئنز سچ پچ هوندا آهن پر مان کين نه ڏٺو آهي.“
اوباما وڌيڪ چيو ته ”ڪنهن خلائي مخلوق کي ايريا 51 ۾ نه رکيو ويو، اتي زمين اندر ڪجهه به نه آهي.“
ان کانپوءِ اوباما چيو ته سندس بيان تيز رفتار سوالن ۽ جوابن واري سيشن موجب هو، هن وضاحت ڪندي چيو ته ڪائنات ايڏي ڪشادي آهي جو ڪٿي نه ڪٿي زندگي جا امڪان موجود ٿي سگهن ٿا، پر پنهنجي صدارت واري عرصي دوران هن خلائي مخلوق طرفان ڌرتي سان رابطي جو ”ڪو ثبوت ناهي ڏٺو.“
واضح رهي ته اوباما جو شروعاتي بيان هڪ مختصر ”لائٽننگ رائونڊ“ دوران ڏنو ويو هو جتي پهريون سوال اهو ئي هو ته ”ڇا خلائي مخلوق حقيقت ۾ آهي؟“
ان سوال تي اوباما جي جواب کي مختلف ميڊيا ادارن نشر ڪيو ۽ اهو آن لائين تيزي سان وائرل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هن آچر تي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي وضاحتي بيان جاري ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.