سڄي ملڪ ۾ رڳو سنڌ ۾ بااختيار بلدياتي نظام آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ رڳو سنڌ ۾ بااختيار بلدياتي نظام لاڳو آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڊپٽي ميئر ۽ ٽائون وائيس چيئرمينز کي به بااختيار بڻايو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ رڳو سنڌ ۾ بااختيار بلدياتي نظام موجود آهي، جڏهن ته ڪجهه دوست مطالبو ڪري رهيا هئا ته اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن.
هن چيو ته هڪ پاسي اهي ماڻهو چون ٿا ته وفاق کان صوبي ۽ صوبي کان هيٺ اختيار ڏنو وڃي ، پر اڄڪلهه ڊمانڊ ڪري رهيا آهن ته وفاق کي ڪراچي جي حوالي ڪيو وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته واسا اڳ ئي ميئر جي ماتحت آهي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ پڻ ميئر جي حوالي آهي،
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته درياءَ جي پيٽ ۾ ڪنهن کي اين او سيز نه ڏنيون وينديون ۽ جيڪي اين او سيز ڏنيون ويون آهن اهي ختم ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.