خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه باءِ پاس تي لوھن سيخن سان ڀريل ٽرالر ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر 11 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو ۽ زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي سول سوسائٽي پاران موٽروي پوليس کي حادثو زميوار ڪرار ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته خيرپور جي ٽنڊوستي ٿاڻي جي حد ڊرٻ مهر شاھ اسٽاپ ڀرسان تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو، جتي سامهون کان ايندڙ ٽرالر ۽ بهاولپور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيو ٽڪر ايترو ته شديد هو جو ڪيترائي مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گاڏيون مڪمل طور تباهه ٿي ويون،حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن ۾45 ورهين جي گل شاد، 17 ورهين جو رمضان، 25 ورهين جو ڪاشف، 45 ورهين جو اڪبر سيال، 42 ورهين جي ساجده، 35 ورهين جو هاشم، 14 ورهين جي بسما، 30 ورهين جو آصف، 40 ورهين جو عبدالصمد، محمد زين ۽ 15 ورهين جي وردا شامل آهن، زخمين ۾ سلطانه خاتون، شازيا خاتون ۽ عمير سميت ٻيا ڪيترائي شامل آهن، ذريعن موجب فوتين جو تعلق گهڻو ڪري رحيم يار خان ۽ بهاولپور سان آهي، جڏهن ته هن المناڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو مڙس، زال ۽ پٽ پڻ زندگي وڃائي ويٺا، جنهن سبب علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي،صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري وزيراعليٰ سنڌ سان رابطو ڪري واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ قومي شاهراهه تي ٽريفڪ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ تي زور ڏنو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن کي روڪي سگهجي، انتظاميا موجب 10 فوتين جا مڙهه بهاولپور ۽ رحيم يار خان ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ فوتي جو لاش وارثن جي اچڻ بعد حوالي ڪيو ويندو، شروعاتي رپورٽن موجب حادثي جو ڪارڻ تيز رفتاري ۽ لاپرواهي ٻڌايو پيو وڃي، سول سوسائٽي پاران چيو پيو وڃي ته هن حادثي جا زميوار خيرپور جي موٽروي پوليس وارا آهن جيڪي چند پئسن جي ڪري گذز ٽرانسپورٽ مافيائن اڳيان يرغمال آهن حادثي جو شڪار ٽرالر وڏهن لوهي سيخن گاڊرن سان ڀريل آهي جنهن جو لوهه گاڏي کان 5 يا 6 فٽ ٻاهر لڙڪي رهيو آهي جيڪو مسافرن جي جسمن ۾ گهري ويو، موٽروي پوليس کي گهرجي ته پنهنجو فرض صحيح نموني نڀائي ۽ نه صرف گڊز ٽرانسپورٽ پر مسافر گاڏين طرف به ڌيان ڏين ڊرائيور سوارين جي چڪرن ۾ پنهنجي توڙي مسافر جي زندگين کي خطري ۾ وجھن ٿا.