ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ لاقانونيت جي انتها ٿي وئي، جتي هڪ ڪلاڪ اندر انڌيون گوليون لڳڻ سبب هڪ پيرسن عورت ۽ هڪ ڇوڪرو مارجي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته بلال ڪالوني ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 60 ورهين جي عورت مارجي وئي، ريسڪيو اختيارين موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ سائرا جي نالي سان ٿي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڪورنگي صنعتي علائقي ناصر محمود ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب عورت کي اڻڄاتل هنڌ کان آيل گولي لڳي، ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون سيڪٽر 50-اي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو، نينگري جو لاش لاش ڇيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل نينگر جي سڃاڻپ اسد جي نالي سان ٿي، جنهن کي سينو ۾ گولي لڳي هئي، ڪورنگي ۾ هڪ ڪلاڪ دوران اهي ٻئي واقعا پيش آيا، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.