وزيراعظم بنگلاديش ۾ ڪابينا جي حلف برداري ۾ نه ويندو

اسلام آباد (بيورو) بنگلاديش جي نئين ڪابينا جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان کي دعوت ملي وئي آهي، پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو، وزيراعظم آسٽريا جي اڳواٽ طئي ٿيل دوري تي آهي. ذريعن موجب، قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق اعليٰ سطحي وفد سان بنگلاديش ويندو.

  1. شوڪت خانم اسپتال ڪراچي جي فنڊريزنگ تقريب جو اجازت نامو رد

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اسلام آباد انتظاميا شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي فنڊ ريزنگ تقريب لاءِ جاري ڪيل اين او سي واپس وٺي ڇڏي،انتظاميه جو چوڻ هو ته ڪجهه شرطن تي عمل نه ڪيو ويو هو.هي اسپتال 1994ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان قائم ڪئي هئي. هن وقت اسپتال ڪراچي ۾ نئين برانچ لاءِ فنڊ گڏ ڪري رهي آهي، جيڪا ڊسمبر 2026ع ۾ کولڻ جو ارادو آهي،سوشل ميڊيا تي هن فيصلي خلاف سخت ردعمل آيو آهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير هن فيصلي کي “بربريت” قرار ڏنو“هي سراسر بربريت آهي جو هڪ اهڙي منصوبي جي فنڊ ريزنگ تقريب رد ڪئي وڃي، جنهن تي هر پاڪستاني کي فخر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اهڙن عظيم فلاحي منصوبن کي سياست کان پري رکيو وڃي.”.پي ٽي آءِ جا حامي الزام لڳائين ٿا ته اهو قدم سياسي نشانو بڻائڻ آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته اسپتال جو باني عمران خان آهي.جڏهن ته ڪجهه ماڻهو تقريب جي قانوني حيثيت يا حالتن تي سوال به اٿاري رهيا آهن.2023ع ۾ به اهڙو ئي واقعو ٿيو هو، جڏهن هڪ اجازت نامو واپس ورتو ويو، پر اسپتال جون خدمتون جاري رهيون.اهم ڳالهه اها آهي ته اسپتال جي علاج ۽ طبي سهولتن تي ڪو به اثر نه پيو.فنڊ گڏ ڪرڻ ۽ آپريشن جاري رهيا،شفا يوسفزئي لکيو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوال اٿاريو ته ڪراچي ۾ شوڪت خانم جي فنڊ ريزنگ تقريب جي اين او سي ڇو رد  ڪئي وئي؟ آخر انتظاميه اهڙو قدم ڇو کڻي ٿي؟،رٽائرڊ پوليس عملدار جميل احمد لکيو ته ڪيترو بي حس، بي ايمان ۽ افسوسناڪ عمل آهي جو پاڪستان جي بيمار ۽ لاچار ماڻهن لاءِ اهڙن عظيم انسان دوست مقصدن کي روڪيو وڃي! وڪيل عاصم بيگ لکيو ته ان کان وڌيڪ هن قوم جي بدبختي ڇا ٿي سگهي ٿي؟ خوف ڪهڙي شيءِ جو آهي؟ رياست اندر رياست جو تصور ڪير وڌائي رهيو آهي؟”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.