دبئي /حيدرآباد (پ ر) دبئي ۾ اماراتي سنڌيز سوشل فورم پاران سنڌي اباڻي ٻولي ڪانفرنس پاڪستان ايسوسي ايشن هال دبئي ۾ منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس کي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته درياھ، زمينون ۽ وسيلا سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب ۽ جياپي جو ذريعو آھن، پنھنجي ڌرتي ۽ وسيلن کي ڦرجڻ نه ڏينداسين، حڪمران سنڌ دشمن پاليسيون بند ڪن، اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نه ڪيو وڃي، پاڻ سنڌين کي جڳ جھان سان جوڙڻ چاھيون ٿا سڄي سنڌ جا ماڻهو دنيا ۾ جتي به هجن، اهي هڪڙو قافلو آهن، هڪڙو خاندان آهن، هڪڙي ٽيم ۽ هڪڙي قوم آهن ۽ هڪڙي هزارين سال پراڻي وطن جا وارث آهن، سنڌ سڄي دنيا جي تهذيبن جي ماءُ آهي، انڊس سولائيزيشن سڄي دنيا کي سڀ کان پهرين منظم تهذيب ۽ سماج ڏنو، شهر ڏنو، گهر ڏنا طور طريقو رهڻ جو ڏنو، دبئي، لنڊن، آمريڪا جاپان، يورپ هجي آئون جتي ويندو آهيان اتي منهنجو سنڌ جي نوجوانن کي عام ماڻهن کي ٻاهر رهندڙ ماڻهن کي هڪڙو ئي ميسيج هوندو آهي محنت سان، ميريٽ تي بنا سفارش تي ۽ بنا پئسن تي جيڪو ترقي جو سفر آهي اهو جٽادار آهي، سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا به وڏي يونيورسٽي ڪانهي عالمي معيار جي ڪو به ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ڪونهي، ڪو به اسڪل ڊولپمينٽ جي ادارو ڪونهي، ڪا وڏي اسپتال ڪونهي، سنڌ دشمن ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا اڃا رد نه ٿيا آھن. سنڌ درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بڻايو ويندو.