ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها مقابلو سڀاڻي ٿيندو، مِينهن وسندو يا نه؟ وڏي خبر اچي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي هاءِ وولٽيج پاڪ-ڀارت ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
گروپ اي ۾ شامل پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ميگا ايونٽ جي 27 هين ميچ ۾ ڪولمبو جي آر پريماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
روايتي مخالفن وچ ۾ شيڊيول مها مقابلو پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندو.
ٻئي پاسي، ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
سريلنڪن راڄڌاني ڪولمبو جي غير امڪاني موسم سبب پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڪجهه متاثر ٿي سگهي ٿو.
سريلنڪن موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته بنگالي نار ۾ گهٽ دٻاءُ وارو سسٽم ٺهي رهيو آهي، جنهن سبب آچر جي شام شيڊيول پاڪ-ڀارت ميچ جو برسات جو چٽو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، آچر تي ڪولمبو ۾ ڏينهن گرم ۽ اُٻ رهندي، جڏهن ته گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 31 سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
پر منجهند کانپوءِ مختلف وقتن تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ڪولمبو ۾ 50 کان 60 سيڪڙو مينهن وسڻ جو امڪان آهي.
پاڪ-ڀارت ميچ ۾ مقامي وقت 7 وڳي شروع ٿيڻي آهي، پر ڪجهه موسمي ماڊلز موجب ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ برسات ٿي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽاس ۾ دير يا ميچ جا اوور گهٽائڻ جو خدشو آهي.
ان کانسواءِ، ڪجهه موسمي ماهرن ڪولمبو ۾ شام اٺين وڳي کانپوءِ موسم ۾ معمولي بهتري جي نشاندهي ڪئي آهي، پر سڄي رات وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جو امڪان پڻ آهي.
جيڪڏهن ميچ برسات جي ور چڙهي وئي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ، هڪ پوائنٽ ڏني ويندي، شوقين اِها ئي دعا ڪري رهيا آهن ته هي هاءِ وولٽيج ميچ برسات سبب متاثر نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.