جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي جي ڪوشش، پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ، گرفتاريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ )سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا ويا ۽ لٺبازي ڪئي وئي.
پوليس جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي ڇروڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي، جنهن دوران هڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيو، شيلنگ ۽ لٺبازي سبب جماعت اسلامي جو سائونڊ سسٽم وارو ٽرڪ پڻ پوليس قبضو ڪري ورتو ۽ 10 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو.
ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پي پي جي فسطائيت سڄي ملڪ ۾ ڏسي رهي آهي.
هن چيو ته پرامن شهرين تي شيلنگ ۽ ڌرڻن کي روڪڻ بوکلاهٽ جو ثبوت آهي ۽ بااختيار شهري حڪومت ڪراچي جو حق آهي.
هوڏانهن، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جماعت اسلاميءَ کي اڳ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي آهي. کين هدايت ڪئي وئي هئي ته هو پرامن احتجاج ڪن ۽ ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين، پر هدايت باوجود جماعت اسلاميءَ جي مڇريل ڪارڪنن سنڌ اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿي پوليس تي پٿراءُ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.