ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري فلمساز پريادرشن جيل ۾ قيد اداڪار راجپال يادو جي مدد لاءِ انڊسٽريءَ کي اپيل ڪئي آهي ۽ ان غلطي جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن سبب هو جيل ۾ آهي.
هندي سئنما کي هيرا ڦير، چپ چپ ڪي، ڍول، ڀول ڀليا، هلچل، دي ڌنا ڌن، کٽا ميٺا جهڙيون سپر هٽ مزاحيه فلمون ڏيندڙ هدايتڪار ۽ فلمساز پريادرشن جيل ۾ قيد اداڪار راجپال يادو بابت کليل نموني ڳالهايو آهي.
پريادرشن چيو آهي ته هو اداڪار کي مالي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪرڻ چاهي ٿو، ويچارو گهٽ تعليم سبب غلطي ڪري ويٺو، مونکي ان جي مسئلي جو پتو هو.
پريادرشن پنهنجي ايندڙ فلم جي پروڊيوسرن کان درخواست ڪئي آهي ته راجپال کي سندن معمول جي فيس کان وڌيڪ معاوضو ڏنو وڃي.
You might also like