ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي هاءِ وولٽيج پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ ٽيمن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته پاڪستاني اسپنر عثمان طارق جو ڊپ ڀارتي ٽيم ۾ واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو پاڻ پنهنجي بيٽرن کي عثمان طارق جي ايڪشن ۾ بالنگ ڪرائيندي ڏٺو ويو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سوريا ڪمار يادَو نيٽ ۾ عثمان طارق جي انداز ۾”وقفو“ وٺندي ڀارتي بيٽرن کي بالنگ ڪري رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي جنهن تي واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
آيوش ڪانٽيا نالي واهپيدار لکيو ته ” ليڊر اهو ئي هوندو آهي جيڪو هر ننڍي يا وڏي مسئلي کي سيرس وٺي، انڪري هن کي ڊڄڻ نه منهن ڏيڻ سمجهو.“
هڪ ٻئي صارف لکيو ته ” ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستاني اسپنر کان ڊنل آهي ۽ کيس منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي.“
عثمان طارق جو ڊپ، ڀارتي ڪپتان پاڪستاني اسپنر جي ايڪشن۾ بيٽرن کي پريڪٽس ڪرائڻ لڳو! وڊيو وائرل
You might also like