اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني جي چنڊ بابت اهم اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
سپارڪو پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جي چنڊ بابت اڳڪٿي جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون روزو 19 فيبروري خميس تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سپارڪو موجب، 18 فيبروري تي شام جو رمضان جو چنڊ نظر اچي سگهي ٿو، جنهن سبب پاڪستان ۾ پهريون روزو 19 فيبروري خميس تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.