ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي قائم ڪيل جڊيشل ڪميشن باهه سبب متاثر ٿيندڙ گل پلازا عمارت جي دوري دوران ٿيل سوالن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب، اختيارين جڊيشل ڪميشن کي سڀ کان پهرين عمارت جي فرنٽ سائيڊ ۽ اندروني حصن جو معائنو ڪرايو، جڏهن ته موبائل ٽارچ روشن ڪري عمارت جي گرائونڊ فلور جي اندروني حصن جو دورو پڻ ڪرايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ته ڪميشن دوري دوران پنهنجا مشاهدا لکت ۾ رڪارڊ ڪيا، جنهن تي جسٽس آغا فيصل ڊي سي سائوٿ، ريسڪيو، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ پوليس اختيارين کان سوال به ڪيا.
ذريعن موجب، جسٽس آغا فيصل اختيارين کي چيو ته جنهن دڪان مان لڳي، ان جي نشاندهي ڪئي وڃي.
جسٽس آغا فيصل پڇاڻو ڪيو ته جنهن جاءِ تان وڏي انگ ۾ باقيات مليون، اهو هنڌ ڪٿي آهي؟ جنهن تي اختيارين ٻڌايو ته عمارت زبون آهي ۽ ڏاڪڻيون ڪِري پيون آهن، مٿين منزلن تائين پهچڻ ممڪن ناهي.
جسٽس فيصل سوال ڪيو ته ڇِت تي وڃڻ جو ڪو رستو آهي؟ جنهن تي اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عمارت ۾ هاڻي مٿي وڃڻ جو ڪو رستو ناهي.
ڪميشن سوال ڪيو ته گل پلازا ۾ موجود ماڻهن کي ڪهڙي رستي سان ٻاهر ڪڍيو ويو؟ جڏهن باهه لڳي ان وقت پلازا جا ڪيترا دروازا کليل هئا؟
اختيارين جواب ڏنو ته باهه لڳڻ وقت ٻه کان ٽي گيٽ کليل هئا، جڏهن ته گل پلازا جا ڪل 16 دروازا هئا.
جسٽس آغا فيصل سوال ڪيو ته ملبو ڪهڙي شيءِ جو آهي؟ ڇا هي ملبو ڀڃ ڊاهه جو نتيجو آهي؟ جواب ۾ اختيارين ٻڌايو ته ملبو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪِري پيو، اسان ڪنهن شيءِ کي هٿ ناهي لاتو.
جڊيشل ڪميشن ٻين کاتن جي عملدارن، جنرل مينيجر پي آءِ ڊي سي ايل ۽ صدر ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته جنرل مينيجر ايس ايس جي سي کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا.
ان کانسواءِ ڪميشن لاڳاپيل اختيارين کي 18 فيبروري تي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
واضح رهي ته 17 جنوري 2026 تي ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي قائم مشهور شاپنگ سينٽر گل پلازا ۾ باهه لڳي هئي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهي ۽ سانحي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت کان جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.