ملڪ ۾ سون يڪدم هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سون اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 7 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 26 هزار 962 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 6 هزار رپين کان وڌيڪ واڌ بعد 4 لک 51 هزار 784 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 70 ڊالر اضافي سان 5042 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.