عثمان طارق انوکو ڪرڪيٽر آهي، هٿيار ڦٽا نٿا ڪري سگهون، تياري ڪئي آهي: سوريا ڪمار يادَو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اسپنر عثمان طارق مختلف ڪرڪيٽر آهي پر هٿيار نٿا ڦٽا ڪري سگهون، اسان پلاننگ ڪئي آهي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري کان اڳ ڪولمبو ۾ پريس ڪندي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو ته پاڪ ڀارت ميچ جي تياري شيڊيول موجب ڪري رهيا هئاسين.
هن چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ رڳو راند آهي، ائين ناهي ته اسان گهٽ کيڏندا آهيون. پاڪستان خلاف ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو ته عثمان طارق مختلف ڪرڪيٽر آهي پر هٿيار نٿا ڦٽا ڪري سگهون، پاڪستاني اسپنر سٺو کيڏي رهيا آهن، اسان به پلان تيار ڪيو آهي.
پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائڻ واري سوال تي سوريا ڪمار يادَو جواب ڏنو ته هينڊ شيڪ لاءِ 24 ڪلاڪ انتظار ڪريو، اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيون ۽ سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين.
ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هو ته ”هينڊ شيڪ جو انتظار ڪريو، هاڻي ماني کائو ۽ سمهي پئو، سڀاڻي ڏسنداسين ته ڇا ٿيندو.“
ان کانسواءِ ڀارتي ڪپتان چيو ته پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، هتي به سٺو کيڏي رهيا آهن. پاڪ-ڀارت ميچ جو دٻاءُ هوندو آهي، اعصاب تي ظابطو رکي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.