ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ڀارت خلاف وڏي ميچ کان اڳ اسپنر عثمان طارق کي ٽرمپ ڪارڊ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.
ڪولمبو ۾ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2026 جي سڀ کان وڏي مقابلي کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان علي آغا چيو ته اسان لاءِ سڀ رانديگر هڪجهڙا آهن، عثمان طارق کي توهان سڀني ٺاهيو آهي، هو اسان لاءِ ٽرمپ ڪارڊ آهي.
سندس چوڻ هو ته عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، عثمان طارق ٻه ڀيرا ڪليئر ٿي چڪو آهي، خبر ناهي سندس ايڪشن تي ڇو بحث ٿي رهيو آهي، پر عثمان طارق تي اهڙين ڳالهين جو ڪو اثر نٿو پوي، ڪنهن کي راءِ ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي، سڀني کي اجازت آهي.
هن چيو ته سڀاڻي به وڏو مقابلو ٿيندو، اسان تيار آهيون، اسان کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، هتان جي ڪنڊيشنز سان ايڊسٽ ٿي چڪا آهيون ۽ پچ بابت به پتو پئجي ويو آهي، برسات جو ڪجهه نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن برسات سبب اوور گهٽيا ته ان حوالي سان به حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.
پاڪستان ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ سمورا 15 رانديگر اهم آهن، ڪو به کيڏي سگهي ٿو، ڪنڊيشنز ڏسي ئي پنهنجي پليئنگ اليون ٺاهينداسين.
هن چيو ته بابر اعظم رنسون ٺاهي رهيو آهي، اسان لاءِ پريشاني جي ڳالهه ناهي، اميد آهي بابر اعظم سڀاڻي به اسڪور ڪندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ سلمان علي آغا چيو ته ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو رڪارڊ سٺو ناهي رهيو ، پر اسان تاريخ مان سکيو آهي ۽ ڪوشش هوندي ته سڀاڻي سٺو کيڏيون، ڀارت جي سموري ٽيم لاءِ پلان تيار ڪيو آهي.
ڀارتي اوپنر اڀيشيڪ شرما بابت سوال تي پاڪستاني ڪپتان چيو ته اميد آهي ته هو صتحياب هوندو ۽ پنهنجي ٽيم لاءِ سڀاڻي واري ميچ کيڏندو.