سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کاتي کي ڪمرشل سرگرمين کان روڪي ڇڏيو، گهوٽڪي ۾ ڪيترائي دڪان سيل

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ واضح هدايتون جاري ڪندي پوليس کاتي کي پنهنجي ملڪيت تي هر قسم جي ڪمرشل سرگرمين کان روڪي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته پوليس پراپرٽي صرف سرڪاري آفيسن ۽ اداري جي سرڪاري معاملن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، ان کي ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ غيرقانوني آهي، عدالتي حڪم بعد  گهوٽڪي ۾ پوليس شاپنگ سينٽر جا 70  کان وڌيڪ دڪان سيل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس پراپرٽي تي قائم پيٽرول پمپن، شاپنگ سينٽرن، شادي هالن ۽ هوٽلن کي پڻ بند ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب اهڙي قسم جون ڪارروايون هاڻي صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به ٿي سگهن ٿيون، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ پوليس شاپنگ سينٽرن سان لاڳاپيل شهرين اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن تي ڪيس هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو. هاڻي سکر بينچ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مڪمل عملدرآمد جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت جي تازي فيصلي کي سموري صوبي ۾ پوليس پراپرٽي جي ڪمرشل  استعمال  کان روڪي ڇڏيو ، گهوٽڪي ۾ 70 دڪانن تي مشتمل پوليس ويلفيئر شاپنگ ڪمپليڪس کي پوليس رات جي وقت تالا بندي ڪري سيل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ڪارروائي عدالتي حڪم تحت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دڪاندارن ان عمل کي زيادتي قرار ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، پوليس ويلفيئر شاپنگ ڪمپليڪس 2004ع ۾ اُن وقت جي وڏي وزير مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي دور ۾ تعمير ٿيو هو، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ بعد کين دڪان الاٽ ڪيا ويا هئا ۽ هو هر مهيني 11 هزار رپين کان وڌيڪ ڪرايو پوليس کي ادا ڪندا رهيا آهيون، مظاهرين ۾ صابر علي راجپوت، عشرت علي شاهه، عارف علي راجپوت، اسد علي چاچڙ، پون ڪمار، اڪرم مغل ۽ ٻيا شامل هئا، دڪانن ٻاهران ويهي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنا نوٽيس جي رات جو دڪان بند ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي، ڪمپليڪس کي پهريون ڀيرو 2019ع ۾ بند ڪيو ويو هو، جيڪو لڳ ڀڳ 11 مهينن بعد عدالت جي حڪم تي پوليس انتظاميا ۽ دڪاندارن وچ ۾ نئين معاهدي بعد سردار محمد بخش خان مهر کولرايو هو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته هي صرف 70 دڪانن جو نه پر لڳ ڀڳ 500 گهرن جي روزگار جو مسئلو آهي، هنن اعليٰ عدليا ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندن دڪان کولرايا وڃن ۽ سندن معصوم ٻارڙن جي وات مان ماني نه کسي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.