ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت دوران وڌيڪ هڪ نوجوان قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ ڦرلٽ کان پوءِ مزاحمت دوران فائرنگ سان سخت زخمي ٿيل نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو، 18 ورهين جو حذيفه ولد محمد طارق قصبا ڪالوني اڍائي نمبر  وٽ موبائل فون جي سامان واري دڪان تي ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو، زخمي نوجوان کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمَن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو. مقتول نوجوان قصبا ڪالوني جو رهواسي هو، پوليس موجب واردات دوران مقتول پنهنجي موبائل اڇلائي هئي، جنهن تي هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري زخمي ڪيو جيڪو هاڻ فوت ٿي ويو آهي، هٿياربند جوابدار پنڌ فرار ٿي رهيا هئا ته علائقي جي ماڻهن ٻنهي ڏوهارين کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، ٻئي جوابدار موسى ولد مومن ۽ معراج ولد ابراهيم اسان جي تحويل ۾ آهن، واضح رهي ته هلندڙ سال شهر ڦرلٽ جي واقعن دوران مزاحمت تي حياتيون وڃائيندڙ شهرين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي، جن ۾ هڪ شاگردياڻي به شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.