اسلام آباد (مزمل سهروردي) صحافي ۽ تجزئي نگار رضوان رضي چيو آهي ته عمران خان کي جيڪا بيماري آهي، ان ۾ کيس اک ۾ تڪليف ٿيندي آهي، عمران خان کي جيڪڏهن اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ان ۾ سهيل آفريدي جو وڏو ڪردار هوندو، عليما خان هن سموري معاملي ۾ آن بورڊ آهي. ولاگ ۾ تبصرو ڪندي هن چيو ته منهنجي اطلاعن موجب، عمران خان کي بني گالا شفٽ نه ٿيڻ گهرجي، عمران خان کي الشفا اکين جي اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو، سندس علاج 3 کان 6 مهينا هلي سگهي ٿو. هن ڊيل جو امڪان ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان جو ٽوئٽر هينڊل خاموش آهي، عمران خان سٺو ٻار بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته ڪا ڊيل ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس ويندي.