سينيٽ ۾ عمران خان جي صحت بابت ٺهراءُ رد، اپوزيشن جو گوڙ، احتجاج

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ سينيٽ اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت پيش ڪيل ٺهراءُ رد ڪيو ويو جنهن تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو. نعريبازي ڪندي چيئرمين ڊائس سامهون گڏ ٿي ويا،  ٺهراءَ رد ٿيڻ بعد ايوان جو ماحول ڇڪتاڻ وارو رهيو، اپوزيشن ميمبرن حڪومتي رويي خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پي ٽي آءِ ميمبر عون عباس بپي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي حڪومت مخالفت ڪئي. راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر عمران خان جي صحت تي ڳالهائڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ رٿ پيش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ عمران خان جي رهائش ۽ سڪيورٽي بابت معاملا واضح ڪيا ويا آهن. عمران خان جو جيل جا ڊاڪٽر هر ٻئي ڏينهن معائنو ڪن ٿا، هن وقت تائين ٻاهرين ڊاڪٽرن به 25 ڀيرا چيڪ اپ ڪيو آهي، اعليٰ عدالت جي هدايتن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرائڻ جو حڪم مليو ته حڪومت ان تي به عمل ڪندي. اپوزيشن ليڊر علاما راجا ناصر عباس حڪومتي موقف کي رد ڪندي چيو ته اکين جو نور اوچتو ختم نٿو ٿي سگهي، عمران خان جي صحت جي معاملي تي لاپرواهي ڪئي وئي آهي، سندس معائنو ماهر ڊاڪٽرن کان ڇو نه ڪرايو ويو؟ ۽ گهرڀاتين ۽ وڪيلن کي وقت سر آگاهه ڇو نه ڪيو ويو؟ رڳو سياستدان جيلن ۾ هوندا آهن، ٻين طبقن کي اهڙين حالتن کي منهن ناهي ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.