لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان جي اک بابت ٻڌي ڏاڍو گهڻو ڏک ٿيو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران شاهه محمود قريشي چيو ته قيدين جا حق هوندا آهن جيڪي ملڻ گهرجن، اها جيل انتظاميا جي ذميواري آهي.
هن چيو ته ”عمران خان جي اک بابت ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو، دعا کان سواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان، عليما خان جي اکين ڳوڙها ڏسي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو، اک جي روشني هلي وڃي ته ان جي ذميوار جيل انتظاميا ۽ حڪومت آهي.
شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ميان محمود الرشيد طبي معائني لاءِ اسپتال وڃڻو هو، پر جيل انتظاميا چيو ته سيڪيورٽي ناهي، ڊاڪٽر ياسمين راشد جو علاج به سيڪيورٽي نه هئڻ سبب نه ٿي سگهيو، هن سڄي معاملي جو قصوروار پنجاب حڪومت کي قرار ڏنو.