نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي سينئر سياستدان ۽ ڪانگريس جي پارليامينٽ رڪن ششي ٿرور تازو سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو کي رد ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن ششي ٿرور جو بيان وائرل ٿيو هو جنهن ۾ هو پاڪستان جي ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ نه کيڏڻ واري فيصلي کي ساراهيندي نظر اچي رهيا هو.
وڊيو ۾ ششي ٿرور ظاهري طور هڪ صحافي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ هڪ ويڪ اپ هئڻ گهرجي.
ششي ٿرور وڊيو تي ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته ” هي وڊيو هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي( اَي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي ۽ آواز جو لهجو منهنجو ناهي.“