نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 20 هين گروپ ميچ ۾ يو اَي اِي، ڪئناڊا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دهلي جي ارون جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ گروپ ڊي جي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران ڪئناڊا گڏيل عرب امارتن خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون اسڪور ڪيون .
ڪئناڊا طرفان هرش ٺاڪر 50 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته نوينت ڌاليوال 34 رنسن سان نمايان رهيو.
يو اَي اِي 151 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو، اريانش شرما 74 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته شعيب خان 51 رنسون ٺاهيون، جنيد صديقي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو
You might also like