اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود اچڪزئي چيو آهي ته اسان جو سڀ کان وڏو مطالبو ۽ نڪتو پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت آهي.
قومي اسيمبلي ٻاهران عمران خان کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنيل ڌرڻي دوران صحافين سان ڳالهائيندي محمود اچڪزئي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب عمران خان جي نظر 80 سيڪڙو ختم ٿي وئي آهي.
هن مطالبو ڪيو ته عمران خان کي سندس مرضي جي ڪنهن اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
محمود اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي صحت بابت اڳڀرائي ڪئي وئي ته ڌرڻو ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته وقت سان گڏ وڌيڪ مطالبا به شامل ٿيندا ويندا، موجودا حڪومت جون ايتريون غلطيون آهن جو پوءِ ڌرڻا ئي ڌرڻا هوندا.
مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته حڪومت کي سڀ خبر آهي، راڻا ثڻاءُ الله سرڪار طرفان جواب ڏيندو رهيو..
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني نه رڳو اڳوڻو وزيراعظم پر هڪ انسان ۽ هڪ قيدِي پڻ آهي، سندس اکيون ضايع ٿي رهيون آهن، توهان کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪريو، اسپتال کي سڀ جيل قرار ڏيو ۽ کيس علاج جي سهولت ڏيو.
محمود اچڪزئي چيو ته اها 10 منٽن جي ڳالهه به ناهي ته هڪ ڊاڪٽر وڃي چيڪ اپ ڪري ۽ کيس شفٽ ڪيو وڃي.
اپوزيشن ليڊر چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ صدر پارليامينٽ کي خطاب ڪندو، جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته پوءِ صدر ايوان ۾ ڪيئن خطاب ڪري سگهندو؟
هن وڌيڪ چيو ته توهان ڄاڻي واڻي چاهيو ٿا ته هن پارليامينٽ ۾ گوڙ ۽ هنگامو ٿئي، پارليامينٽ ڪمزور ٿئي ۽ هتي ايوان ڪم نه ڪري.