ڪاٺوڙ روڊ حادثو، 13ڄڻا اجل جو شڪار، گهرو وزير جو بيان اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ضلعي جي علائقي ڪاٺوڙ وٽ موٽر وي تي مختلف گاڏين جي ٽڪر ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي ۾ آئل ٽينڪر وين مٿان ڪلٽي ٿي پيو، جنهن سبب وين ۾ سوار سمورا مسافر حياتي وڃائي ويٺا.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، ڪاٺوڙ ويجهو هڪ تيز رفتار آئل ٽينڪر، تيز رفتاري سبب مسافر بس سان ٽڪرائجي ويو ۽ گڏ هلندڙ وين مٿان چڙهي ويو.
ترجمان موجب، حادثي سبب 13 ماڻهو فوت ٿي ويا، جن ۾ ڇهه ٻار ۽ ٻه عورتون شامل آهن، جڏهن ته ڇهه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن.
حادثي کانپوءِ آئل ٽينڪر مان تيل روڊ تي ڦهلجي ويو ۽ ايم نائين تي ٻنهي طرفن ۾ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پڻ 13 فوتگين جي تصديق ڪندي زخمين کي ترت بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن سان دل سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
گهرو وزير موجب، ريسڪيو 1122 جون ٽيمون حادثي واري هنڌ تي موجود آهن ۽ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته زخمين کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
ضياءَ الحسن لنجار موجب، حادثي کانپوءِ روڊ کي صاف ڪيو ويو آهي ۽ ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.