ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف بنگلاديش طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب عام چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) 209 جڏهن ته جماعتِ اسلامي 68 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر احمد جمعي ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته ڪُل 297 سيٽن مان 209 تي بي اين پي جڏهن ته 68 تي جماعت اسلامي جا اميدوار ڪامياب ٿيا.
اليڪشن ڪميشن موجب، نيشنل سٽيزن پارٽي اين سي پي ڇهن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته خلافت مجلس پارٽي ٻه سيٽون کٽيون.
ان کانسواءِ پنج جماعتن اسلامي آندولن، گنا اُوڌيڪار پريشد، بنگلاديش جاتيه پارٽي، گنا سنگٿي آندولن هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي, جڏهن ته ست سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا.
اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري موجب چٽاگانگ جي ٻن تڪن جا تيستائين جاري نه ڪيا ويندا جيستائين لون ڪيس بابت اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ حل نه ٿي وڃي.
اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ 48 لک 74 هزار 429 ماڻهن ها ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ 2 ڪروڙ 25 لک 65 هزار 627 ماڻهن ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو.