ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل ڀارتي چينل تي نشر ٿيل بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته هن رڳو اِهو چيو هو ته رياست وٽ فيصلي جو اختيار آهي جيئن ان 1970ع ۾ ڪيو هو.
پنهنجي وضاحتي بيان ۾ اختر مينگل چيو ته ” مون سوال اٿاريو هو ته بلوچستان جي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڇا رياست اڃا به اهو اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي؟ مون انٽرويو ءَ ۾ پنهنجي طرفان ڪا به دعويٰ نه ڪئي هئي.“
هن چيو ته ”منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن هي نظام واضح طور تي ڪم نه پيو ڪري ته رياست وٽ اهو اختيار آهي ته هو پنهنجي ئي ڪيل فيصلي تي ٻيهر نظرثاني ڪري جيئن ان اڳ ۾ ڪيو هو.“
سندس چوڻ 1971ع ۾ ” اِڌر تم اُڌر هم“ جو نعرو ذوالفقار علي ڀٽو ئي هنيو هو، هي رياست جون پنهنجون پاليسيون آهن، جنهنڪري اهڙا سوال ٻيهر جنم وٺن ٿا، ڀٽو ته ايستائين چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪو ميمبر ڍاڪا اسيمبلي ويو ته مان سندس ڄنگهو ڀڃي ڇڏيندس.“ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن اِهو به چيو ته ” ان فورم تي اهو سوال اُٿاريو ويو ته ڇا بلوچستان جي مسئلن جي سياسي حل لاءِ رياست سنجيدا آهي؟ جنهن تي منهنجو جواب هو ته بلڪل نه رياست هن معاملي تي بلڪل به سنجيدا ناهي.“
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي سردار اختر مينگل تي اها تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هن ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.