ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 19 هين ميچ ۾ زمبابوي وڏو اپ سيٽ ڪندي اڳوڻي ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا کي 23 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو جي آر پريماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان زمبابوي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
زمبابوي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون اسڪور ڪيون، برين بينيٽ 64 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، تاديونشي مروماني ۽ ريان برل 35، 35 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، جڏهن ته ڪپتان سڪندر رضا به 25 رنز جي اننگز کيڏي.
آسٽريلوي ٽيم 170 رنسن جي هدف جي پٺيان ڊوڙندي 20هين اوور ۾ 146 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي طرح زمبابوي 23 رنسن ڪاميابي ماڻي ٽورنامينٽ جو پهريون اپ سيٽ ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا طرفان ميٽ رينشا کانسواءِ ڪو به رانديگر زمبابوي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ پوري ٽيم 146 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ميٽ رينشا 65 رنسون جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته گلين ميڪسويل 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
آسٽريليا جا 8 رانديگر ڊبل فيگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، جڏهن ته زمبابوي جي طرفان مُزاررباني زبردست بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي.