اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ هائوس جي گيٽ تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مُک گيٽ به بند ڪيو ويو آهي.
پارليامينٽ گيٽ ٻاهران بڪتر بند گاڏيون پهچايون ويون آهن ۽ اسلام آباد جي ريڊ زون کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي. پوليس جي وڏي نفري ريڊيو پاڪستان چوڪ تي موجود آهي، جتي شاهراهِهِ دستور کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان ڪنهن به شهري ۽ ميمبر اسيمبلي کي پارليامينٽ هائوس وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.
پوليس ميمبر اسيمبلي اقبال آفريدي ۽ عمير نيازي کي ريڊيو پاڪستان چوڪ تي روڪي ڇڏيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي چيو ته ”اسان جو ڌرڻو پرامن هوندو، پي ٽي آءِ باني سان سندس ذاتي ڊاڪٽر ۽ خاندان جي ملاقات ڪرائي وڃي.“
محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته” پهرين مون کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ عمران خان صحتمند آهي، ملڪ ۾ سٺا ڊاڪٽر موجود آهن ۽ اسان سندس علاج ڪرائڻ چاهيون ٿا، ان معاملي منجهائڻ بدران حل ڪرڻ گهرجي .“