اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پ پ ايم اين اي نبيل گبول چيو آهي ته هن حڪومت عوام کي اڳ ۾ ڪهڙو فائدو ڏنو آهي جو هاڻي ڏيندي،پارليامينٽ هائوس آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خبر ناهي اسان جي ڪهڙي مجبوري آهي،اسان سسٽم کي هلايون پيا،پ پ کي سوچڻ گهرجي ته نيٽ ميٽرنگ جو مسئلو آهي،هن چيو ته لياري ۾ 16-16ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي،هي حڪومت بجلي جا اگهه وڌائي رهي آهي،هي چور حڪومت آهي، پ پ کي پاڻ سوچڻ گهرجي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جڏهن آمريڪا کان موٽندو ته ضرور سوچيندو ته اسان انهن کي ڪيئن سپورٽ ڪري رهيا آهيون،هن چيو ته نيٽ ميٽرنگ تي اسان احتجاج ڪيو آهي ان ڪري وزيراعظم ان فيصلي تي عملدرآمد روڪيو آهي،پر ان کي مستقل طور روڪيو وڃي