اسلام آباد(بيورو) سينيٽ اجلاس دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت جي معاملي تي سخت احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته اپوزيشن روڊن تي احتجاج جي ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي آهي،اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس چيو ته باني پي ٽي آءِ جي هڪ اک جي 85 سيڪڙو بينائي ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ذميوار حڪومت آهي،هن خبردار ڪيو ته معاملا ان حد تائين نه وٺي وڃو جو پوءِ ڳالهيون روڊن تي ٿين، اسان ڇاتين تي گوليون به کائينداسين. هن چيو ته وزير قانون اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ چيو هو ته باني پي ٽي آءِ جي صحت ٺيڪ آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بيريسٽر سلمان صفدر ملاقات ڪري رپورٽ جمع ڪرائي آهي۔ رپورٽ موجب اپريل تائين صحت ٺيڪ هئي، پر پوءِ باني پي ٽي آءِ جيل سپرنٽنڊنٽ کي بيماري بابت آگاهه ڪيو، ٽن مهينن تائين ڪجهه نه ڪيو ويو جنهن سبب هڪ اک جي بينائي مڪمل ختم ٿي وئي۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هوندي ته ملڪ جهنگ بڻجي ويندو، دنيا جي سفيرن کي به ان ظلم بابت لکيو ويندو،ان جي جواب ۾ رانا ثناءُالله چيو ته بيرسٽر سلمان صفدر جي رپورٽ ۾ سموريون سهولتون بيان ٿيل آهن، جيل ۾ ورزش مشينون ۽ ٽي وقت کاڌي جو ذڪر آهي،رپورٽ ۾ اهو به ناهي لکيل ته علاج کان انڪار ڪيو ويوهن اپوزيشن کي چيو ته صحت جي معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن وڌيڪ اعتراض هجي ته سپريم ڪورٽ وڃن۔رانا ثناءُالله جي بيان تي پي ٽي آءِ سينيٽرن احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا۔ سينيٽر ناصر بٽ چيو ته پي ٽي آءِ سينيٽرن وٽ باني پي ٽي آءِ جون تصويرون آهن، اهي هٽايون وڃن، ٻي صورت ۾ هو به ٻيون تصويرون کڻي اينداپريزائيڊنگ آفيسر چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين اڳ ئي رولنگ ڏئي چڪا آهن ته ڪنهن جي تصوير ايوان ۾ نه لڳائي سگهجي ٿي، تنهن ڪري تصويرون هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي۔جمله بازي سبب ايوان ۾ سخت بدنظمي ٿي وئي۔ سينيٽ پاڪستان شهريت ايڪٽ 1951ع ۾ ترميمي بل پيمرا آرڊيننس ۾ ترميمي بل ۽اخباري ملازمن (شرائط ملازمت) ايڪٽ 1973ع ۾ ترميمي بل 2026ع پڻ منظور ڪيا