ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ:پاڪ-ڀارت مقابلي ۾ برسات جو امڪان

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026 جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ ڀارت ٽاڪرو برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي گروپ اي جي اهم ميچ 15 فيبروري آچر تي ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي.
آچر تي شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي پاڪ-ڀارت ٽاڪري تي هڪ ڀيرو ٻيهر غير يقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن ۽ ڪولمبو ۾ امڪاني برسات ميچ تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي.
سريلنڪن موسميات کاتي جي مختلف رپورٽن موجب، پاڪ-ڀارت ميچ واري ڏينهن ڪولمبو ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان طوفاني برسات جو 50 سيڪڙو امڪان آهي، جڏهن ته شام 6 وڳي ڌاري شهر ۾ 2.1 ملي ميٽر برسات متوقع آهي.
جيڪڏهن ميچ برسات جي ور چڙهي وئي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي هڪ، هڪ پوائنٽ ملندي، شوقينن جي اها ئي دعا آهي ته هي هاءِ وولٽيج ميچ برسات سبب متاثر نه ٿئي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پنهنجون ٻئي ميچ کٽي گروپ اي ۾ 4 پوائنٽن سان پهرئين نمبر تي موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.