فاطمه ثنا شيخ جو پنهنجي بيماري بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا فاطمه ثنا شيخ پنهنجي بيماري بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته فلم دنگل ۾ ڪردار لاءِ وزن وڌائڻ کانپوءِ کيس هڪ سنگين بيماري کي منهن ڏيڻو پيو.
اداڪارا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته فلم دنگل لاءِ هوءَ روزانو 2500 کان 3000 ڪيلوريز وٺندي هئي، شوٽنگ ختم ٿيڻ بعد هن ورزش ڇڏي ڏني، پر گهڻو کاڌو کائڻ جي عادت برقرار رهي، کاڌي جي روٽين ۾ بي ترتيبي سبب هوءَ کائڻ واري بيماري ”بليميا“ ۾ مبتلا ٿي وئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن هوءَ ٻه ٻه ڪلاڪ لڳاتار کائيندي رهندي هئي ۽ پوءِ پاڻ کي الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي ته جيئن ڪيلوريون جسم ۾ جمع نه ٿين.
سندس چوڻ هو ته ”منهنجو پاڻ تي ڪو ڪنٽرول نه رهيو هو، ڪڏهن مان تمام گهڻو کائيندي هيس ته ڪڏهن پاڻ کي مڪمل طور کاڌي کان روڪي ڇڏيندي هيس.“
اداڪارا موجب، هوءَ شديد ذهني دٻاءُ ۽ ڏوهه جي احساس جو شڪار رهي ۽ کيس اهو سمجهڻ ۾ گهڻو وقت لڳو ته مسئلو رڳو کاڌي جو نه پر ذهني صحت جو به آهي.
فاطمه ثنا شيخ وڌيڪ چيو ته هاڻي هوءَ پنهنجي صحت بابت وڌيڪ محتاط آهي ۽ متوازن طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.