سون اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، اڄ به هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ اڄ في تولو سون 2300 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 28 هزار 562 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 972 رپيا واڌ بعد 4 لک 53 هزار 156 رپين جو ويو رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 23 ڊالر اضافي سان 5058 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.