حڪومت نيٽ ميٽرنگ کان نيٽ بلنگ تي منتقلي واري پاليسي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري قومي اسيمبلي ۾ نيٽ ميٽرنگ پاليسي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته نيٽ ميٽرنگ کان نيٽ بلنگ تي منتقلي واري پاليسي تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اويس لغاري ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ رڳو 4 لک 66 هزار واهپيدار نيٽ ميٽرنگ تي آهن، جيڪي پنهنجي سرمائي تي هڪ سال ۾ 50 سيڪڙو منافعو ڪمائي رهيا آهن، 5 رپين جي بجلي ٺاهي گرڊ کي 27 رپين ۾ ڏئي رهيا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت انهي شرح سان نيٽ ميٽرنگ کان بجلي خريد ڪندي رهي ته گرڊ جي باقي 90 سيڪڙو صارفن لاءِ بجلي جي قيمت 2 کان اڍائي رپيا وڌي ويندي، نيٽ بلنگ تي اچڻ سان انهن 4 لک واهپيدارن جو منافعو 37 سيڪڙو رهجي ويندو جڏهن ته گرڊ جي باقي صارفن لاءِ بجلي هڪ کان ڏيڍ رپيو سستي ٿي ويندي، ان سان ڪنهن جو به نقصان نه ٿيندو، اهو چوڻ ته نون ريگيوليشنز جو اثر غريب ماڻهو تي پوندو درست ناهي.
اويس لغاري چيو ته سوشل ميڊيا تي ريگيوليشنز بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، نيٽ ميٽرنگ بابت ريگيوليٽر 5 ڀيرا ريگيوليشنز ۾ تبديلي ڪئي، نيٽ ميٽرنگ جا 6 کان 7 هزار واهپيدار آهن، نئين سولر پاليسي تي تنقيد ٿي رهي آهي، مان ڪجهه حقيقتون اوهان جي سامهون رکڻ چاهيان ٿو، انهن مان 6 کان 7 هزار سولر نيٽ ميٽرنگ تي آهن، ان 7 هزار مان 2200 ميگاواٽ انڊسٽري لڳايو آهي.
هن چيو ته سولر ملڪ جي پوش علائقن ۾ لڳايو ويو آهي، نيٽ ميٽرنگ مان ملڪ جي اشرافيه فائدو وٺي رهي آهي، نيٽ ميٽرنگ کان نيٽ بلنگ تي منتقلي واري پاليسي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.
اويس لغاري وڌيڪ چيو ته هڪ سال اندر 780 ارب رپيا گردشي قرض گهٽايو ويو آهي، وزيراعظم جي هڪ مائٽ جي آءِ پي پي مان به 100 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي، شهباز شريف جي حڪومت جيڪو ڪيو اهو ڪو به ناهي ڪري سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.