آءِ ايس پي آر جنرل (ر)قمر باجوا جي صحت بابت اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا پنهنجي رهائشگاهه تي ڪِرڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي صحت بابت اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي رهائشگاهه تي ڪِرڻ سبب ڌَڪ لڳا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻو آرمي چيف هن وقت سي ايم ايڇ ۾ علاج هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.